ڌامراهوعبدالرحمان مولانا

ڌامراهو، عبدالرحمان، مولانا: جيد عالم، مولانا عبدالرحمان ولد عنايت الله ڌامراهي جو جنم 27 رجب 1268هه/ 17 مئي 1852ع تي ڳوٺ ڌامراهه، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. ننڍپڻ ۾ هارپو ڪيائين. ٻارهين ورهين جي عمر ۾ مشهور عالم عبدالله بنگل ديرائيءَ (1932ع/1840ع) وٽ ۽ فارسيءَ جي تعليم پڙهڻ ويٺو. ڪجهه تعليم گھوٽڪيءَ مان مولانا قمر الدين وٽ پڙهيو، بعد ۾ مولانا عبدالغفور ’مفتون‘ همايونيءَ وٽ فارغ التحصيل ٿيو ۽ دستار فضيلت ٻڌائين. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد درس ۽ تدريس جو پيشو اختيار ڪيائين. پنجويهه ورهيه پير ڳوٺ ۾ ديني فيصلن ۽ فتوائن جو ڪم ڪيائين. پير پاڳاري صبغت الله شاهه جو مٿس ڪافي راز هو. سندس وفات بعد واپس ڳوٺ اچي مدرسو تعمير ڪرائي درس ۽ تدريس شروع ڪيائين. کيس ديني مسئلن ۽ فقهي معاملن تي دسترس حاصل هئي. سندس شهرت ۽ قابليت کي ڏسي کيس بلوچستان جي مکيه جرڳي جي سردارن ڪوئيٽا ۾ گھرايو ۽ کيس ديني فتوائن لاءِ جرڳي ۾ شامل ڪيو ويو. مولانا عبدالرحمان ڌامراهي ديني تصنيفات جي سلسلي ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن مان فارسيءَ ۾ ’فتويٰ رحماني‘ سندس قابليت ۽ علميت جو مظهر آهي. هن وٽ هڪ مثالي ڪتب خانو هو، جنهن ۾ عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ جا چونڊ ڪتاب هئا. سندس لائبرريءَ ۾ فقھ ۽ منطق تي ناياب قلمي نسخا پڻ موجود هئا. 1307هه/1889ع ۾ بيت الله'>حج بيت الله شريف تان موٽندي ڪيترا عربيءَ جا ناياب ڪتاب آندائين. سندس لائبرريءَ ۾ ٽن هزارن کان به وڌيڪ ڪتاب موجود هئا، جيڪي سندس وفات بعد ضايع ٿي ويا. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ دوران سنڌ ۾ ڪالرا جي بيماري پکڙي ته ان وگھي، 11 صفر 1348هه/ 10 جون 1900ع تي وفات ڪيائين. سندس جوڙايل جامع مسجد اڄ به موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1852.05.17  عيسوي

جيد عالم، مولانا عبدالرحمان ولد عنايت الله ڌامراهي جو جنم 27 رجب 1268هه/ 17 مئي 1852ع تي ڳوٺ ڌامراهه، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.


1900.06.10  عيسوي

مولانا عبدالرحمان 11 صفر 1348هه/ 10 جون 1900ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الهرکيو ٻٽ ڊاڪٽر
جنجهي غلام محمد
سيد روشن علي شاهه
مير امام بخش خان ٽالپر
راءِ ڏياچ
جماڻي مدن
عبدالفتاح ميمڻ 1
شاهنواز خان
حُسين بخش عرف حَسڻي خان
ڄام هالو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون